نيويارڪ-29 مارچ (اي پي پي) آمريڪي عدالت ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج ۽ هيج فنڊ ايف ٽي ايڪس جي شريڪ باني سام بي??ڪ مين فرائيڊ کي ڊجيٽل ڪرنسي جي صارفين ??ان ڌوکي جي ج?? ڏوهه ۾ 25 سال قيد جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آمريڪي وڪيلن سام بي??ڪ مين فرائڊ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي مالي فراڊ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب آمريڪي وڪيلن ان کي تقريبن 50 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جڏهن ته سام بي??ڪ مين فرائڊ جي وڪيلن ان کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي. ٻنهي پاسن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيويارڪ جي جج ليول ڪپلان کيس 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي. جج ان موقعي تي چيو ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته ڏوهاري موقعو ۽ اختيار ملڻ تي مستقبل ۾ وڌيڪ ڏوهه ڪري سگهي ٿو ۽ هي ڪو معمولي خطرو ناهي. 32 سالن جي سام بي??ڪ فرائڊ مين کي نومبر ۾ به 7 ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن ۾ وائر فراڊ، سيڪيورٽيز فراڊ جي سازش ۽ مني لانڊرنگ جا الزام شامل آهن.