پشاور – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سڀئي لاڳاپيل ادارا سينيٽ چونڊن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري بابت ٿيندڙ ڪوششن تي نظر رکڻ لاءِ متحرڪ آهن، جيڪو به ان اليڪشن ۾ بدعنواني جو سهارو وٺندو يا بدعنواني جي ڪوششن جو شڪار هوندو ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اطلاعات واري خصوصي صلاحڪار ڪامران بنگش سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽ چونڊن جي حوالي سان صدارتي ريفرنس بابت سپر??م ڪورٽ جي راءِ تاريخي اهميت رکندڙ آهي ۽ ان راءِ مان اهو لڳي ٿو ته سينيٽ چونڊون آئين جي آرٽيڪل 226 تحت ئي ٿينديون، تنهن هوندي به سپر??م ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ اليڪشن جي شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ٻيا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته سپر??م ڪورٽ چئي ڇڏيو آهي ته ”سيڪريسي آف بيلٽ“ دائمي ناهي، تنهن ڪري هاڻي اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته هو ڪهڙي طرح اهو يقيني بڻائي ٿو ته بليٽ پيپرز جي سيڪريسي دائمي نه رهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو نظريو آهي ته ملڪ ۾ هر حوالي سان شفافيت ۽ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪرپشن فري سوسائٽي جي قيام ??رف وڌيو وڃي، تنهن هوندي به هن وقت ملڪ ۾ ٻن نظرين جي جنگ وڙهي پئي وڃي، هڪ نظريو پي ٽي آءِ جو آهي جنهن سان گڏ هو ساڄي طرف بيٺل نظر اچي ٿي، جڏهن ته ٻيو نظريو مخا??ف ڌر جو آهي جيڪا ”اسٽيٽس ڪو“ چاهي ٿي ۽ ضمير خريد ڪرڻ جي سياست جي فروغ تي يقين رکي ٿي، ان نظريي سان مخا??ف ڌر کاٻي طرف بيٺل نظر اچي ٿي. هن چيو ته ان نظريي تحت اسلام ??باد کان سينيٽ جي سيٽ تي مخا??ف ڌر پنهنجو اميدوار لاٿو آهي ۽ مخا??ف ڌر جي ڪوشش آهي ته نمبر گيم ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ميرٽ جو قتل عام ڪري ان اميدوار کي جيڪو بدعنواني ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۾ملوث رهيو آهي، کي ڪامياب ڪرايو وڃي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته مخا??ف ڌر اميدوار جي مقابلي ۾ اسلام ??باد سيٽ لاءِ حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ ايماندار ۽ قابل ماڻهو آهي ۽ هو ڪامياب ٿيندو، هن چيو ته عام چونڊن وانگر سينيٽ چونڊن ۾ به ووٽرز شخصيتن کي نه پر عمران خان جي نظريي کي ووٽ ڏيندا ۽ عمران خان پاران ميدان ۾ لاٿل اميدوار ڪامياب ٿيندو.