اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب ٻوڏ متاثرين جي امدادي شين تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ بابت ڪ??بينا جي فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدا??ت تي ڪابينا 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪس ڇو?? جي منظوري ڏني هئي، ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ مهارين، ٻيڙين سميت سمورين امدادي شين کي ٽيڪس کان ڇوٽ حاصل آهي. هن چيو ته ڪابينا جي 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪسن کان ڇو?? جي منظوري تي فوري عمل ٿيو هو، ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر عملدرآمد جو ايس آر او پڻ جاري ڪري ڇڏيو هو. ضابطي تحت فلاحي ۽ سرندي وارن ڪم ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو.