راولپنڊي -22 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير 25 مئي تي يوم تڪريم شهداء پاڪستان ??لهائڻ جو اعلان ڪندي چي?? آهي، ته مضبوط فوج مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي، شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جون خدمتون اسان جو قيمتي اثاثو ۽ سرمايو آهن. پاڪ فوج هڪ اداري طور پاڻ سان ڳنڍيل هر شخص کي ۽ ان جي پونئرن کي هميشھ ياد رکي ٿي ۽ اسان جو اهو رشتو هڪ خاندان طور ق??بل فخر آهي، پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر سڀني علائقائي، لساني ۽ سياسي ۽ تعصبن کان مٿانهون ٿي صرف ۽ صرف پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کي مٿانهون رکي ٿو. اهڙو اظهار هن جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ شهيدن ۽ غازين جي مانَ ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چي?? آپريشنز دوران بهادري ۽ قوم لاءِ شاندار خدمتن تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي فوجي اعزازن سان ??وازيو. 51 آفيسرن کي ستاره امتياز (ملٽري)، 22 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت ۽ 2 جوانن کي گڏيل قومن جي خاص ميڊل جي اعزاز سان ??وازيو ويو. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پاڪ فوج جي سينئر افيسرن ۽ شهيدن جي پونئرن شرڪت ڪئي. آرمي چي?? چي?? ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شهيدن جي فرض شناسي ۽ عظيم قربانين سبب اسان ??ڪ آزاد فضا م زندگي گذاري رهيا آهيون. هن چي?? ته مضبوط فوج مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي. هن تازو ئي فوجي ٺڪاڻن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمتن تي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چي?? ته اهي ناق??بل برداشت آهن.