اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪار??وا??ون ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪند?? چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ مختلف جهڙپن دوران خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز کي ساراهيو ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ڪار??وا??ن دوران جان جي قرباني پيش ڪندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ ک??ن پٽي اڇلائ?? جي لاءِ سيڪيورٽي فور??ز جون ڪار??وا??ون جاري رکنداسين. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.