اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا ڪرپشن جو خاتمو آهي، ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ان جي ڪري ملڪ ترقي ۽ خوشحالي کان محروم رهيو، سڄي ملڪ ۾ احتساب جو عمل بنا فرق ۽ بنا رڪاوٽ جاري رهندو. وزيراعظم آفيس پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان سنڌ جي گورنر عم??ان اسماعيل جي سربراهي ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ اتحادي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دو??ان ڳالهائي رهيو هو.