ڪوئيٽا – 09 ??پر??ل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا عالمي وبا آهي ۽ ا?? سان پورو ملڪ متاثر ٿيو آهي، بلوچستان ۾ غربت وڌيڪ آهي، ان لاءِ ڪورونا سبب صوبي جي عوام جا مسئلا وڌي ويا آهن، اسان ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي رليف پيڪيج جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، سمورن صوبن ۽ آزاد ڪشمير حڪومت سان مشاورت سان 14 ??پر??ل کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ۽ وفاقي وزير اسد عمر به ساڻس گڏ هئا.