اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته قوم پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ هيلٿ پروفيشنلز جي ٿورائتي آهي، اهي اسان جا هيرو آهن، انهن جي خدمتن جي اعتراف جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان ايس او پيز تي عمل ڪريون، ماسڪ پايون، هٿ ڌوئون ۽ هر جڳهه سماجي فاصلو رکون. خيبرپختونخوا ۾ ڪووڊ – 19 سبب ڊاڪٽر ??ورنگزيب ۽ ??اڪ??ر محمد اعظم خان جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ پوئينرن سان افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪووڊ 19 سبب اسان ايوان صدر ۾ اهڙين تقريبن کي ياد ڪندا آ??يو?? جنهن ۾ يتيم، ٿيليسيميا کان متاثر ٻار ۽ انهي طرح معا??ري جي ٻين نظرانداز ڪيل طبقي کي دعوت ڏيندا آ??يو??.