اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته هٿرادو کوٽ جي ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پيٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا ايندڙ 48 ??ان 72 ڪلاڪن ۾ پيٽرول جي باقاعده سپلائي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان جي عوام جي هڪ طبقي ۾ ڪورونا جي باري ۾ اڃان به غلط فهميون موجود آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ممڪن نه آهي، معاشري ۾ اضطراب (خوف) پيدا ڪرڻ بدران ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو پوندو، شوگر انڪوائري جي معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو وي??دو، کنڊ جي قيمت ۾ هر صورت ۾ گهٽتائي آڻينداسين، هي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي جنگ آهي جيڪو به ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف ايڪشن ضرور ٿيندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ارسا ٽيلي ميٽر سسٽم کي سبوتاز ڪرڻ جي معاملي جي انڪوائري لاءِ ڪمي??ي جوڙڻ، قابل ماڻهن کي سرڪاري ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا چيو آهي ته سالن ??ان غير فعال اسٽيل ملز جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ملڪي مفادن ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وي??دو، ڪابينا پولٽري جي قيمتن ۾ اضافي جي معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.