اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اسپتالن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته مستقبل ۾ ب?? صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ضرورتن کي پور?? ڪرڻ جي لاءِ سمورن ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ فاطمه ج??اح چيسٽ اينڊ جنرل اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪوئيٽا جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان ڪورونا جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، طبي عملو ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار ڪورونا ۾ فرنٽ لائين سولجر ج?? ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيا آهن جن تي اسان سڀني کي فخر آهي.