اسلام آباد – 06 فيبروري (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪشمير هاڻي آزادي طرف ويندو ڇو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي ??ڪط??في قدم ذريعي ڪشميري?? کي دٻائڻ جا ڀارتي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن. ڪشسمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي جمعي ڏينهن ڪوٽلي ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي چينل (هم نيوز) سان ڳالهائيندي و??يراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي ڪشميري?? کي ڪرش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪشميرين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا. هن چيو ته ڪشميري?? کي وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو دٻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته تاريخ مان ثابت ٿيو آهي ته ڪنهن آبادي کي وڌيڪ عرصي تائين دٻائي نه ٿو سگجي ۽ جڏهن ڪا قوم آزادي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪا به طاقت ا?? کي نه ٿي دٻائي سگهي. هن چيو ته دنيا ڪشمير مسئلي جي سنجيدگي کي سمجهيو آهي جيڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سميت عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي انهي لاءِ پراميد آهيان ته هاڻي اهو آزادي طرف ويندو. يور??ي ??ونين جي ڊس انفوليب جي انڪشافن بابت وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي هڪ وڏو ملڪ ۽ وڏي مارڪيٽ هجڻ جي و??ويلا ڪري ٿو جنهن پاڪستا?? کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستا?? کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بي مثال عالمي پذيرائي ملي. هڪ سوال تي و??يراعظم چيو ته مو?? کي يقين ڪونهي ته بائيڊن انتظاميا ڪشمير تڪرار تي ثالثي ۾ شامل ٿيندي جهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي جڏهن ته هن چيو ته ان مسئلي جي حوالي سان دنيا ۾ شعور موجود آهي، 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير مسئلي تي ٽي ڀيرا بحث ڪيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو هڪ عالمي ايش?? بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت جي لاءِ هاڻي ظلم جاري رکڻ مشڪل ٿيندو ڇو ته دنيا صورتحال جو مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڪستان ڀارت کي ان شرط تي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته هو آرٽيڪل 370 کي بحال ڪندي و??لاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري.