اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ??يو آهي ته ريلوي جهڙي قومي اداري کي خساري مان ??ڍڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ سڌاراجاتي عمل ضروري آهي، بهتر ريلوي نظام سان نه رڳو عوام کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي پر ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشي بهت??ي ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌاراجاتي عمل، ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي ۾ اڳڀرائي ۽ پرائم منسٽري ريلوي گرين انيشيئيٽو جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد ا??ظم خان سواتي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽرين ?? سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته لاهور ڪراچي ريلوي ٽريڪ جي متوازي مال بردار گاڏين جي لاءِ هڪ مخصوص فريٽ ڪوريڊور ٺاهڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، جنهن ذريعي پپري کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان ??نڍيو ويندو، ان ??وريڊور جي نتيجي ۾ مال بردا??ي ۾ آساني ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان پاڪستان ريلوي بي او ٽي بنيادن تي ماڊل تيا?? ڪيو آهي جنهن ذريعي مسافرن کي بهتر سروس جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهبو. منصوبي جي ٽيڪنيڪل ڊيزائن ۽ فنانشل ماڊل جي تياري جي حوالي سان ??نسلٽنٽ مقر?? ڪيو ويو آهي. جيڪو 30 ڏينهن ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندو. ريلوي سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلويز جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ اداري کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي حوالي سان تفصيلي سڌاراجاتي پروگرام تي ڪم جاري آهي.