چڪدره – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ڏيوالپڻي سان تمام گهڻي مهانگائي ۽ روپئي جو مُلهه گهڻو ڪري پوي ٿو، دوست ملڪن مدد ڪري ڏيوالپڻي کان بچايو، گذريل 30 سالن دوران ملڪ جو پسئو چوري ڪيو ويو، مسلم ليگ (ن) پنهنجي پهرئين اڍائي سالن ۾ قرضن تي وياج جي مد ۾ 3 هزار روپيا جڏهن ته اسان 6.2 ٽريلين روپيا ادا ڪيا آهن، مسلم ليگ (ن) وياج سمڪيت قرض جي ادائيگي جي مد ۾ 20 هزار ارب روپيا 7 اسان 35 هزار ارب روپيا واپس ڪيا آهن، سنڌ حڪومت بنڊل آئي لينڊ جزيري ۾ سيڙپڪاري جي اجازت نه ڏئي رهي آ??ي، مشڪل حالتن مان اسان نڪري آيا آهيون، سياحت جي شعبو ترقي ڪندو ??ه روزگار جا موقعا وڌندا، ٽيڪنالاجي ۽ فني تعليم جي وڏي اهيمت آ??ي، اهڙا منصوبا لڳائي رهيا آهيون جنهن سان ملڪي دولت وڌندي، ڪو ملڪ صنعتي شعبي جي فروغ کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگ??ي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ايندڙ هفتي نئين پاليسي آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اطهار هن يونيور??ٽي آف مالاڪنڊ جي نئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا جون سموريون يونيورسٽيون ڏسي چڪو آهيان، نمل يونيور??ٽي پاڪستان جي آڪسفورڊ يونيور??ٽي بڻجندي. القادر يونيور??ٽي جي به سيپٽمبر ۾ به تڪميل ٿي ويندي، دنيا جي وڏن وڏن اسڪالرن کي ان جي بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آ??ي، ڪوشش آهي ته قوم کي هڪ اهڙي پڙهيل لکيل قيادت فراهم ڪئي وڃي ته جئين اسان کي پتو پئجي سگهي ته دنيا ۾ اسان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. هن چيو ته انسان اشرف المخلوقات آ??ي، انسان کي دنيا ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد سمجهڻو پوندو، صرف پنهنجي لاءِ انسان جي زندگي جو مقصد نه آ??ي، پئسو خوشي نٿو ڏي، خوشي ان وقت ملي ٿي جڏهن انسان سڌي رستي تي هلندو آ??ي، هن چيو ته پاڪستان ۾ به ارب پتي ماڻهو موجود آهن ۽ کين ان جو پتو ئي ناهي ته انهن وٽ ڪيتري دولت آ??ي، 30 سال ملڪ جو پئسو چوري ڪيو ويو، اهڙي پئسي جو ڪهڙو فائدو جڏهن انسان پاڻ به ڪوڙ ڳالهائي ۽ سندس ٻار به ڪوڙ ڳالهائيندا هجن، ڪڏهن ا??پت??ل ۽ ڪڏهن جيل وڃي رهيا هجن، اهو اسان جي لاءِ عبرت جو مقام آ??ي، مسلمان دنيا جي وڏي طاقتن کي پنهنجي ڪردار جي زور تي شڪست ڏني هئي.