اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ معيشت استحڪام طرف گامزن آهي، ميڊيا معيشت جي مثبت تاثر کي اجاگر ڪر?? ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مخالف ڌر ??ي پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪر?? جو مڪمل حق آهي پر اهو حق ملڪي قانونن، آئين ۽ اعليٰ عدليه جي فيصلن جي روشني ۾ استعمال ڪر?? گهرجي، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت جي ڏاڍ ??ي عالمي سطح تي اجاگر ڪر?? جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ملاقات دوران ڪيو.