اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀا??ت کي چيو هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ??رڻ لاءِ خود مختياري جو موقعو فراهم ڪري، اڄ سڄي دنيا سميت ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن ?? اهو ڏينهن ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. مملڪتي وزير ??رخ حبيب 5 جنوري خودمختياري جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀا??ت کي چيو ويو هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ??رڻ لاءِ خود اراديت جو موقعو فراهم ڪري. مملڪتي وزير چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ پاڻ ڀا??ت کڻي ويو هو ۽ ڀا??ت متفقه قرارداد جي ذريعي سڄي دنيا سان وچن ڪيو هو ته هو ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏيندو. هن چيو ته ڪشمير جي بي گناهه پر غيور عوام ڀرپور جذبي سان تحريڪ هلائي، فرخ حبيب چيو ته ڀا??تي فوج ڪشميرين جي خلاف رياستي دهشتگردي جو بدترين سلسلو جاري رکيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته يورپي يونين سميت عالمي برادري ڀا??ت تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل رياست ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ان مسئلي جو ڪو اهڙو حل ڪڍيو وڃي جيڪو سمورين ڌرين لاءِ قبول جوڳو هجي.