اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ اسلامي معاشري ج?? لازمي جز آهي، پاڪستان لکين پناهگيرن کي پناهه ڏني ۽ تقريبن ??ئن ڏهاڪن کان کلي دل سان انهن جي ميزباني ڪري انساني همدردي جو مثال قائم ڪيو آهي، خصوصي ماڻهن لاءِ سهو??تن ۽ موقعن جي فراهمي جي حوالي سان قانونن تي عملدرآمد ۽ روين ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. هو ايوان صدر ۾ اخوت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.