اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان تعليم وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ خاص طور تي آن لائن تعليم، شاگردن کي ديني تعليم ۽ سائنسي علم طرف راغب ڪرڻ ۽ جديد تعليم جي حوالي سان بهتر موقعا فراه?? ڪرڻ جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ??مران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان شاگردن کي سيرت النبي صه ۽ پاڻ صه جي حيات طيبه جي روشن رخن، صحابه ڪرام رضه ۽ اسلامي تاريخ جي روشن باب کان روشناس ڪرائڻ ج?? لاءِ قدم کنيا وڃن.