اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خي??رپختونخوا صوبي کي الله تعاليٰ بي پناهه قدرتي حسن ۽ سياحتي ماڳن سان نوازيو آهي، انهن مقامن ۾ انفراسٽرڪچر ج?? تعمير ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي سان صوبي ۾ سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خي??لن جو اظهار هن صوابي ۾ راندين ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ ٿيندڙ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خي??رپختونخوا جي اسپورٽس جي ڊائريڪٽر ج??رل، ڪي پي ڪي جي سياحت جي ايم ڊي ۽ ڊپٽي ڪمشنر صوابي سميت لاڳاپيل کاتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.