فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??وجوده حڪومت صنعتي شعبي کي بجلي جي فر??هم?? لاءِ وڏو پيڪيج ڏنو آهي، صنعتي سرگرميون وڌنديون ته ??لڪ ترقي ڪندو. صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته 60ع جي ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان ۾ صنعتون نه لڳيون ۽ حڪومتن صنعتي سرگرمين کي ڪڏهن فروغ نه ڏنو، اسان مشڪل حالتن ۾ سموريون سهولتون ڏئي ر??يا آهيون ته جئين صنعتي سرگرميون وڌن، ان سان ماڻهن کي روزگار ميسر ايندو ۽ آمدني ۾ به اضافو ٿيندو، ان سان اسان قرض به واپس ڪري سگهنداسين.