اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز نيشنل ڊائيلاگ لاءِ پارليامينٽ کي موزون ترين پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو آهي ته پ??رليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر پارٽين جي ذميوار ۽ سنجيده قيادت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڳالهين ۾ اتفاق راءِ ٿي ويندو، اليڪٽوريل ريفارمز سميت هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگ??ي ٿي، مولانا فضل ??لر??مان ۽ مريم نواز ته پ??رليامينٽ جو حصو ئي نه آهن اهي ته هونئن به ٻاهر سمجهو، شيراني، حافظ حسين احمد ۽ ٻين مولانا فضل ??لر??مان کي ??ليڪٽيڊ چيو ۽ ٻيون ڳالهيون به ٻڌايون، اهي پنهنجي پارٽي اندر رهندي تشخص کي ??ڀاري رهيا آهن. هو وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين ۽ فيصل واوڊا سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪري رهيو هو.