اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صدارت ۾ راوي اربن ڊولپمين?? منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪ?? منصوبي، والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شهرن جي ڀرپا??ي ۾ وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت عوام کي سستي رهائش جي فراهمي جي منصوبي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ خا?? مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئين پاڪستان هائوسنگ اٿار??ي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا. پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي وڏي وزير جي خا?? مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿار??ي جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر آفيسرن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.