اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي لاڳو، خلاف ورزي تي ??خت انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قرنطينه ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي ??ور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آز??د ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي ??عبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي ??ئي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ??ابطو آ??ڻ جي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي ??ملدرآمد ۽ قرنطنيه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خ??ري تي ??ابطو آ??ڻ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي ??يزي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.