اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??راعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو، جتي هو پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪن??و. ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته گڏيل سامونڊي مشقن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ ان??ن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وز??راعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو جائزو به وٺندو.