اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته جيستائين ڀارت ڪشميرين کي انهن جو بنيادي خودمختياري جو حق نه ٿو ڏي ان سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي ??خمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ??رابر هوندا، راندين جو فروغ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ انترنيشنل ڪرڪيٽ جي ??حالي سٺو سنئوڻ آهي، ملڪ جي ٻين شهرن ?? به ڪرڪيٽ بحال ڪنداسين، وزيراعظم ڪرڪيٽ ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي، رانديون قومن ۾ اتحاد پيدا ڪن ٿيون ۽ دنيا آڏو معاشري جي مثبت ساک پيش ڪن ٿيون، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحالي سان پاڪستان بابت دنيا آڏو غلط بيانيو ڏيندڙن جا ارمان برباد ٿي ويا. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽيسٽ مئچ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته بنگلاديش جي ٽيم جو پاڪستان اچڻ خوش آئنده آهي.