اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ لاڪ ڊائون سان واڳيل ح??يقتن طرف نشان??هي ڪئي آهي ۽ هو عوام کي ذميواري جو احساس ڏياري رهيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڳالهه ڪئي آهي، نه ٿا چاهيون ته اهڙا قدم کڻون جنهن سان معاشي زن??گي رڪجي وڃي ڇو ته ان سان ٻيا بحران پيدا ٿيندا، وزيراعظم عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي، عوام به ذميواري جو مظاهرو ڪري، موجوده صورتحال ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ ??هي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جو واضح پيغام آهي ته روزاني جا معاملا هلڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن جا معمول جا ڪم متاثر نه ٿين.