اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) ڪرونا وائرس تي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائز?? وٺڻ، صورتحال جي مانيٽرنگ ۽ ان جي ڪري ملڪي معيشت تي پوندڙ منفي اثرن جي جائزي لاءِ 25 رڪني خصوصي پارلياماني ڪميٽي ج??ڙي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر طرفان باضابطه طور تي 25 رڪني پارلياماني ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪي?? ويو آهي.