اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ??يف??يننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ايڪنڪ سکر حيدرآباد موٽروي جي منظوري ڏئي ڇڏي، سکر حيدرآباد موٽروي جي ڊيگهه 306 ڪلوميٽر هوندي. عاصم سليم باجوه چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي تعميراتي شعبي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبو اندرون سنڌ ۾ سماجي ۽ معاشي ا??قلاب آڻيندو، پشاور، ڪراچي ا??سٽرن روٽ کي به ايسٽ بلوچستان سان لنڪ ڪيو ويندو.