اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزي?? شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر پاران نيب قانونن ۾ تجويز ڪي?? ترميمون تحريڪ انصاف جي منشور جي خلاف آهن، عمران خان واضح ڪي?? آهي ته بدعنواني تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، مخالف ڌر تنگ نظري جو مظاهرو نه ڪري، نيب قانونن ۾ 10 سالن تائين ترميمن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، هاڻي مخالف ڌر چاهي ٿي ته 10 ڪلاڪن ۾ ترميمون ٿين، مخالف ڌر نيب قانونن ۾ ترميمون ايف اي ٽي ايف ۽ ڪرپشن جي نظر سان ڏسي، مخالف ڌر کي اپيل آهي ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي قانونسازي ۾ ڪردار ادا ڪري، نيب تي مخالف ڌر جون ترميمون جيڪڏهن مڃيون وڃن ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف مان سهولت نه ملي سگهندي، مخالف ڌر عمران خان يا حڪومت نه پاڪستان جي مفاد ۾ لچڪ جو مظاهرو ڪري. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزي?? شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪجهه عرصي کان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ??يو. گذريل حڪومتن جي ڪوتاهين جي ڪري ملڪ گري لسٽ ۾ ??يو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ سازش ڪري رهيو آهي ته جيئن پ??ڪستان جي معيشت تباهه ٿي وڃي. پاڪستان جو روانگي واپار ختم ٿي وڃي، پاڪستان تي سخت ترين پ??بنديون لڳايون وڃن. پاڪستان جي سفارتڪاري پنهنجي ووٽ ۽ سڌارن جي حوالي سان قدم کنيا.