اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ??لڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ٻي لهر سبب وڌيڪ 85 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو تعداد 4 لک 67 هزار 222 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر وڌيڪ 2 ??زار 152 ڪيس رپورٽ ٿيا، 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 435 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 38 هزار 511 ٿي ويو آهي، انهي دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 85 فوتگيون ٿيون، سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 9 هزار 757 ٿي ويو آهي، ڪورونا سبب متاثر 4 لک 18 هزار 958 مريض صحتياب ٿيا، سڄي ??لڪ ۾ 1824 ماڻهو صحتياب ٿيا جڏهن ته 2382 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، واضح رهي ته هن وقت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به مريض وينيٽليٽرز تي نه آهي.