اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته براڊشيٽ م??ام??ي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ ن??ري??ت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انڪوائري رپورٽ اطلاعات واري ڪميٽي سان شيئر ڪئي ويندي، وفاقي وزير چيو ته براڊشيٽ م??ام??و اطلاعات واري ڪميٽي جي دائري ۾ نٿو اچي?? اهڙي وقت ۾ جڏهن انڪوائري ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ڏني ته جڏهن انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ايندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان م??ام??ي کي ب??ث هيٺ آڻي.