اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن خالي سيٽن تي هڪ سيٽ مخالف ڌر جڏهن ته ٻي حڪمران ڌر تحريڪ انصاف حاصل ڪري ورتي، پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي جنرل سيٽ تي ڪامياب قرا?? ڏنو ويو جڏهن ته ??ور??ن جي مخصوص سيٽ تي تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد 174 ووٽ کڻي ڪامياب رهي، تحريڪ انصاف جي ??ميدوار عبدالحفيظ شيخ کي جنرل سيٽ تي 164 جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي ??ور?? سيٽ تي اميدوار فرزانه ڪوثر کي 161 ووٽ مليا، جنرل سيٽ تي 7 جڏهن ته ??ور??ن جي ??يٽ تي 5 ووٽ رد قرا?? ڏنا ويا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي هڪ جنرل ۽ هڪ ??ور??ن جي ??يٽ تي پولنگ ٿي. پولنگ جي ??روعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي ??اري رهي. ڪل 342 جي ??يوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي ??اءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اين اي 75 ڊسڪه جي ??يٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي ??سپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو، جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي ??ڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏهن ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان ان اين اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هو هال ۾ ويهڻ بدران پنهنجي ??اءِ جو حق استعمال ڪري واپس هليو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پوليس جي ??راست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي ??صوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي آندا ويا. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود رهيا. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جنهن ان تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ ۽ علي گوهر خان جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ۽ عبدالقادر پٽيل ڳڻپ جي ??مل ۾ شريڪ ٿيا. رٽرننگ آفيسر نتيجي ??و اعلان ڪيو جنهن موجب جنرل سيٽ تي سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ??ور??ن جي ??يٽ تي فوزيه ارشد ڪامياب قرا?? ڏنا ويا.