اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي ??عتماد جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اتحادين وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اها خوش آئنده ڳاله?? آهي. اتحادي پارٽيون ڪنهن به حڪوم?? جي تمام وڏي طاقت هونديون آهن. هن چيو ته اسان گلا شڪوا بند ??مري ۾ ڪنداسين پ?? جڏهن به جمهوري?? جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وزيراعظم کي ??عتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي، پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وق?? جي اهم ضرورت آهن، وزيراعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ کي قاعدن تحت هلايو وڃي ته جيئن هن اداري تي عوام جو اعتماد بحال ٿئي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسان چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ته اسان کي ??دالتن جو رخ نه ڪرڻو پوي ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. ميثاق جمهوري?? جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊن جي حوالي سان بل پارليامينٽ مان منظور ٿئي ها.