اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر سان خميس ڏينهن سينيٽ چيئرمين محمد صاد?? سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قائدايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ پارلياماني معاملن سميت ٻين اهم معاملن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايوان ۾ خوشگوار ماحول ۾ بحث ۽ قانونسازي پارليامينٽ جي ??زت ۾ اضافو ڪندي، موجوده چونڊ عمل ۾ شفافيت وقت جي ??هم ضرورت آهي، مخالف ڌر کي پارلياماني ڪميٽي جي قيام جي لاءِ خط لکيا ويا آهن جواب جو انتظار آهي، مستقبل جي لاءِ چونڊ عمل تي اعتماد کي بحال ڪرڻ مخالف ڌر ۽ حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي، اسد قيصر چيو ته چونڊ سڌاران جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي قيام جو مخالف ڌر پاران نالا وصول ٿيڻ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪي?? ويندو.