اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪو??ت ۽ مخالف ڌر ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ جو تاثر درست نه آهي، وزيراعظم آئين موجب مخالف ڌر اڳواڻ کان ان معاملي تي راءِ وٺ??دو?? هڪ مضبوط اليڪشن ڪميشن جنهن تي سمو??ين پارٽين جو اعتماد هجي، پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي جدوجهد شفاف نظام لاءِ آهي، چونڊ سڌارا ۽ نيب قانونن تي به حڪومت کلي دل سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وڏن معاملن تي پارلي??مي??ٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي، سياسي نظام جو استحڪام آئين جي احترام ۾ لڪل آهي ۽ چونڊن، احتساب ۽ قومي سلامتي تي اتفاق راءِ سياسي نظام کي استحڪام ڏيندو.