اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، اسان افغانستان ۾ هڪ مستحڪم حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا، آمريڪا ۽ چين دنيا جون ٻه وڏيون اقتصادي طاقتون آهن، انهن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر هوندا ته پوري دنيا ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح ڪيو، افغانستان جي حوالي سان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، طالبان ??ي اڳ ۾ آمريڪا ۽ پوءِ افغان عملدارن سان ??الهين تي راضي ڪيو، چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪ – آمريڪا لاڳاپن خاص طور تي افعانستان جي صورتحال جي حوالي سان ??الهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ني??يا??ڪ ٽائيم کي پنهنجي انٽرويو ۾ آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح طور تي دنيا آڏو رکيو آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ وزيراعظم آمريڪا سان لاڳاپن جو هڪ نئون رخ بيان ??يو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ آمريڪا سان لاڳاپن کي سي??يورٽي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو هو، وزيراعظم آمريڪا سان سي??يورٽي لاڳاپن ب??را?? اقتصادي لاڳاپن تي زور ڏنو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ني??يا??ڪ ٽائيمز کي انٽرويو ۾ ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڀارت سان اسان جا لاڳاپا ٺيڪ ٿين ٿا ته ڀارت ۽ چين ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ پاڪستان ??ي جا??را??يائي لحاظ کان اهم مقام حاصل هوندو، اهڙي طرح دنيا بشمول آمريڪا پاڪستان ??ي نظرانداز نه ڪري سگهندي.