اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير ??لگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڊجيٽل ??يبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وزير ??يو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بلتستان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي تجويز سان اتفاق ڪيو.