ڪراچي-10 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چي?? آهي ته حڪ??مت ملڪ جي معيشت کي اهڙا بنياد فراهم ڪري رهي ??هي جنهن سان ايندڙ 5 سالن دوران پاڪستان معاشي طور مستحڪم ملڪ بڻجي ويندو. 2018ع ۾ هڪ سازش تحت ملڪي معيشت جي ان سفر کي روڪيو ويو هو. موجوده حڪ??مت جي ڪوشش سان مهانگائيءَ جي شرح گهٽ ٿي ??هي ۽ـ عوام کي رليف ملڻ شروع ٿي وي?? آهي. اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حاجي مظفر شجره جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه ۽ صوبائي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ اڄ مقابلو سائنس، ٽيڪنالاجي، پيداوايت ۽ وڌ کان وڌ مارڪيٽ شيئرز حاصل ڪرڻ ج?? آهي، جڏهن ته گارگند ڪرڻ هڪٻئي سان وڙهندڙ قومون تمام پوئتي رهجي وينديون. وفاقي وزير چيو ته اسان وقت ضايع نٿا ڪري سگهون، وزيراعظم محمد شهباز شريف اُڏام پاڪستان پروگرام جو اعلان ڪي?? آهي جيڪو پاڪستان کي پائيدار ترقي ڏيارڻ جو منصوب?? آهي جنهن تحت پاڪستان جي هر علائقي جي ترقيءَ لاءِ منصوبا شروع ??ند??سين ۽ جيڪي شعبا پاڪستاني حڪومتن وٽ آهن انهن ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي پاڪستان جي صلاحيتن ۾ واڌ ??ند??سين. احسن اقبال چيو ته اڄ دنيا ۾ هڪٻئي جي معيشت جو مقابل?? آهي ته ڪهڙي ملڪ جي معيشت مضبوط ??هي پر جنهن ملڪ ۾ ڏڦيڙ هجي ان ملڪ ۾ سيڙپڪار ڪيئن ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪ??مت 1991ع ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو تاريخي معاهدو ڪيو هو جنهن تحت سڀني صوبن کي پاڻي طئي ٿيل حصي تحت ملي رهي?? آهي.