اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ پاڪستان لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي، اڳتي اسان ڪنهن به جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، پاڪستان افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستا?? سعودي عرب ۽ ايران جا اختلاف ختم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ا??ان پاڪستان ۾ ڪاروبار کي آسان بڻائي رهيا آهيون، پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ ويزا ۾ نرمي سميت ڪيترائي سڌارا آندا. اهڙن خي??لن جو اظهار هن عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.