ا??لا?? آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي گ??دي وا??ي شهر رياض ۾ سعودي پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو، سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فر??ان السعود پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فر??ان السعود سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.