اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته وڏي وزير ڄام ڪمال سان بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ وزيراعظم عمران خان جي بلوچستان جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ عزم جو ??اض?? اظهار آهي، بلوچستان جي عوام جي احساس محرومي ختم ڪنداسين، انهن کي ملڪ جي ٻين ترقي يافته علائقن جي برابر آڻڻ وزيراعظم عمران خان جو ??يزن آهي، بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي.