اسلام آباد 6- آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت کي جديد عصري گُهرجن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ جامع ۽ قابل عمل تجويزون سامهون آڻينداسين. اها ڳالهه گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽل ڊپلوميسي ??رو?? جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڊجيٽل ڊپلوميسي ??رو?? پرڏيهي وزارت جي پبلڪ ڊپلوميسي جي ويزن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل ماهر شامل آ??ن. ڊجيٽل ڊپلوميسي ??رو?? جي ميمبرن ۾ وزيراعظم جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي ب??رڊ جي سي اِي او سيد شباهت علي شاهه، جنرل مئنيجر ڊجيٽل ميڊيا ونگ وزارت اطلاعات عمران غزالي، ڊجيٽل ايڪسپرٽ تانيه ايڊوروس پرو پاڪستاني ب??اگ جي باني عامر عطا، پبلڪ رليشن ايڪسپرٽ سلينا راشد ۽ پرڏيهي وزارت جي صلاحڪار پبلڪ ڊپلوميسي عمران اختر شامل آ??ن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪووڊ 19 دنيا کي هڪ ڌڪ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي. پرڏيهي وزارت کي الله تعاليٰ بهترين هيومن ريسورسز سان نوازيو آهي، اسان جي وسيع ت??ربن سان اسان اداري کي ب??ترين بڻائي رهيا آهيون.