اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (ا??ن سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ا??ن سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 وينٽي??يٽ??ز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 435 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 1 مريض گهر ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيو. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽي??يٽ??ز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 42 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 39 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 38 هزار 369 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 461، پنجاب ۾ 14 هزار 804، ??يب??پختونخواهه ۾ 5 هزار 581، اسلام آباد ۾ 4 هزار 492، بلوچستان ۾ 500، گلگت بلتستان ۾ 312، آزاد ڪشمير ۾ 219 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 53 هزار 828 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مري?? هن وقت وينٽي??يٽ?? تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽي??يٽ??ز تي ڪوويڊ 19 جا 300 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 124 آهي.