اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 84 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄ?? ملڪ ۾ هڪ هزار 923 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 59 سيڪڙو?? لاهور ۾ 30 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 393 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 937، پنجاب ۾ 21 هزار 390، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 78، اسلام آباد ?? 3 هزار 331، بلوچستان ۾ هڪ هزار 652، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 60 هزار 385 ٿي چڪو ??هي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه ??هي. جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 442 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 48 هزار 937 ??هي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 30 هزار 511 آهي .