اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جو قيام يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارن تي اڳڀرائي اطمينان بخش آ??ي. وزيراعظم ميڊيا آ??يس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڪاروباري عمل ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ خصوصي طور تي ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس جي دوران وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي مختلف کاتن پاران ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي کي ساراهيو. انهن قدمن ۾ ڪ??پن??ن جي آسان ۽ تيز رجسٽريشن ۽ آن لائن منظوري شامل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ منظور ٿيل باقي قدمن تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائين. وزيراعظم ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته واپاري برادري جي وڌ کان وڌ سهولت کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته ڪوالٽي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي معيار جي درجه بندي جي حڪمت عملي متعارف ڪرائڻ کانسواءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي مشوري سان گهٽ شرح تي فڪسڊ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي اعليٰ بوڊ ڪيمپن سان گڏوگڏ هواوي ۽ سام سنگ جهڙين وڏين ٽيڪ ڪ??پن???? کي متوجهه ڪرڻ جي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي ڪوشش?? کي به ساراهيو. اهو نه رڳو هنرمند پاڪستاني آءِ ٽي پيشيور ماڻه?? کي تربيت پر باوقار روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته سموري گهربل ايڪو سسٽم سان اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي وڌندڙ تعداد سان ملڪ ۾ ٽيڪ بزنس کي فروغ ملڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، وزيراعظم هدايتون جاري ڪيون ته ٻين وڏن شهرن سان گڏوگڏ بلوچستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ايس ٽي زيز جي قيام جي طرف هڪجهڙو ڌيان ڏنو وڃي.