اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صن??تي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آ??ي، حڪومت روزگار جي فراهمي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي اهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي مثبت پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود وڏي پئماني جي صنعت ۾ ترقي خوش آئنده ا??ي، صنعتن جي پنهنجي پوري صلاحيت تي هلڻ سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. ملا??ات ۾ ملڪي صن??تي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ 1500 ايڪڙ تي ٻڌل صن??تي زون جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ ايس ايم اي پاليسي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.