اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه عثمان مرزا، جي ٽي روڊ ريپ ڪيس ۽ جتوئي ڪيس اسان جي انصاف جي نظا?? لاءِ چئلينج آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سوال اهو آهي ??ه اهي ڪيس روزاني جي بنياد تي ڇو نه هلي رهيا آهن ۽ انهن کي عام ڪيسن وانگر ڇو ورتو پيو وڃي، پراسيڪيوشن ۽ عدالت پنهنجي ذميداري نڀائين، هن چيو ته انهن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ رياست ج?? فرض آهي.