اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فوجداري نظام اصلاحات قانون جي حڪمراني طرف وڏو قدم آهي، عدليه ۽ وڪيل برادري فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، ??ار ايسوسيئيشنز جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، انهن جي حل لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻنداسين. اها ڳالهه هن ڊسٽرڪٽ ??ار راولپنڊي، ڊسٽرڪٽ ??ار جهلم، هاءِ ڪورٽ ??ار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ ??ار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ ??ار مانسهره ۽ تعلقي ??ار حويليان جي وفدن سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت و??يل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهي، انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت سستا قرض فراهم ڪيا ويندا، چوڌري فواد حسين چيو ته ??ار ايسوسيئيشن ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي ڏسي خوشي ٿي، ڊسٽرڪٽ ??ار جهلم سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته جهلم کي موٽر وي سان ملايو پيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جهلم جي لاءِ هڪ کرب روپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪرايا، هن چيو ته 44 ارب روپين جي لا??ت سان جلال پور ڪينال پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، لله کان جهلم ٻن لائين واري رستي جي منصوبي تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي، سنگهوئي کان مصري موڙ ۽ لله کان پنڊدادن خان تائين رستو هن سال ج??ن ۾ مڪمل ٿي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته ان رستي تي 55 سالن کانپوءِ ڪم شروع ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته مانسهره، ايبٽ آباد ۽ حويليان ۾ وڪيل برادري لاءِ سهولتون مهيا ڪنداسين، هن چيو ته ??ار ايسوسيئشنز کي فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، ??ار ايسوسيئيشنن جي وفد ۾ ڊسٽرڪٽ ??ار راولپنڊي جي صدر ارشد مجيد ملڪ ۽ سيڪريٽري ملڪ مبشر، ڊسٽرڪٽ ??ار جهلم جي صدر چوڌري عبدالطيف، جنرل سيڪريٽري سيد جرار حيدر شاهه ۽ ايگزيڪيٽو ميمبرن چوڌري يعقوب، چوڌري ضياءُ الملڪ، حافظ عبدالسميع کوکر، چوڌري ڪاشف اسلام، ناصر زمان راجا ايڊووڪيٽ ميان عبدالرحمان، محمد انعام الحق، پاڪستان ??ار ڪائونسل ج?? اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حسين، هاءِ ڪورٽ ??ار ايبٽ آباد جي صدر حاجي صابر حسين تنولي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد بابر علي شاهه، ڊسٽرڪٽ ??ار ايبٽ آباد جي صدر عبدالستار خان ۽ جنرل سيڪريٽري سردار سميع الرحمان، ڊسٽرڪٽ ??ار مانسهره جي صدر بلال خان ۽ جنرل سيڪريٽري اظهر ظهور تنولي، تعلقي ??ار حويليان جي صدر رئيس خان، جنرل سيڪريٽري گل ظهير خان ۽ نائب صدر سعيد خان ش??مل هئا، ??ار ايسوسئيشنز جي ميبرن وقت فراهم ڪرڻ تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو ٿورو به ادا ڪيو.