ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪي??سر جي روڪٿام بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي منظم مهم هلائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها ڪي??سر جي علاج کان آسان ۽ گهٽ خرچ آهي، پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ائٽمي توانائي، زراعت ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جي شع??ن ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ذريعي ساراهه جوڳيون قومي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ڪرن ۾ نئين شامل ڪيل سهولتن جو افتتاح ڪندي مون کي خوشي ٿي آهي ۽ اميد آهي ته ان سان ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ڪي??سر جي مريضن کي يقينن وڏو ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي??سر جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هتي ڪرن اسپتال ۾ ڪي??سر جي مرض بابت آگاهي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن جي سمپوزيم جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن اٽامڪ انرجي ڪي??سر اسپتال (اي اي سي ايڇ) ڪراچي ۾ ڪي??سر جي تشخيص ۽ علاج جي نئين تنصيبن جو پڻ افتتاح ڪيو، اها سهولت پي اي اي سي جي ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ريڊيو ٿراپي اينڊ نيوڪليئر ميڊيسن (ڪرن) سان واڳيل آهي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. سمپوزيم ۾ سڄي ملڪ مان ڪي??سر جا 200 کان وڌيڪ ماهر دماغ، ڳيچي ۽ ڇاتيءَ جي ڪي??سر تي پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاج??، مصنوعي ذهانت جي شع??ي ۾ انقلاب جي ڪري نئين ٽيڪنالاجي، جديد ترين ٽيڪنيڪن جي اچڻ سان ڪي??سر جي خلين جي علاج جون نيون ٽيڪنڪون سامهون اچي رهيون آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته پي اي اي سي ڪي??سر اسپتال نئين دور جي ضرورتن موجب اپ گريڊ ڪندا. هن مريضن تي زور ڏنو ته جن کي ڪي??سر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جو شڪ آهي اهي جلد کان جلد پنهنجي صحيح تشخيص جي لاءِ وڃن جنهن سان انهن جي صحتيابي ۾ يقيني طور تي فائدو ٿيندو. صدر چيو ته پي اي اي سي ۽ ان جون 19 ڪي??سر اسپتالون ملڪ جي صحت جي شع??ي جي بهتري لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون. صدر خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي ج?? سرندي وارن صحت جي حوالي سان ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. هن چيو ته بحيثيت قوم پاڪستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن جي دل کولي مدد ڪئي ۽ انهن جي ميزباني ڪئي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني ڪيترا سخي آهن. هن چيو ته جديد قومون هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ بي گهر ماڻهن ۽ پناهگيرن کي غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙ چئي پري رکڻ جي تصور تي عمل پيرا هئا. ان کان اڳ پي اي اي سي جي چيئرمين محمد نعيم صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي کي ڪميشن جي قدمن ۽ قوم جي سماجي ۽ اقتصادي بهتري جي لاءِ ٺاهيل منصوبن بابت آگاهه ڪيو جن جو وڏو حصو دفاع، توانائي ۽ صحت جي شع??ن تي ٻڌل آهي. هن ٻڌايو ته 1100 ميگاواٽ جي ڪي – 2 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي تازي افتتاح کانپوءِ انهي پيداواري صلاحيت سان ڪراچي ۾ ڪي – 3 جي نالي سان هڪ ٻيو پاور پلانٽ 31 مارچ 2022ع تي نيشنل گرڊ سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته زراعت جي شع??ي ۾ پي اي اي سي جي چئن مرڪزن 125 کان وڌيڪ بيمارين جي خلاف فصل جون بهتر قسم تيار ڪيون آهن. هن چيو ته اسان کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته ملڪ جي 30 کان 40 سيڪڙو پوکيءَ لائق زمين مختلف فصلن جي اسان جي ٻجن جي قسم کي استعمال ڪري رهي آهي. پي اي اي سي جي چيئرمين ٻڌايو ته ڪميشن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪي??سر جي تشخيص ۽ علاج جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، 1960ع ۾ ڪراچي ۾ ڪي??سر جي علاج جي پهرين سهولت قائم ڪئي ۽ هر 3 کان 4 سالن کانپوءِ هڪ نئين اسپتال شامل ڪندو رهيو. هن چيو ته پي اي اي سي 14 جنوري 2022ع تي گلگت انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن، آنڪولوجي اينڊ ريڊيو ٿراپي جي نالي سان پنهنجي 19 هين ڪي??سر اسپتال جو باضابطا افتتاح ڪيو جڏهن ته هو مظفرآباد ۾ 20 هين ڪي??سر اسپتال تعمير ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ هڪ مهيني جي اندر ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو.