اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان يونان سان تعاون ت?? ٻڌل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ??ال??ه هن يونان جي مائيگريشن ۽ سياسي پناهه واري وزير پناگوئٽس ميتاراچي سان ??ال??ائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسرندڙ ملڪن مان ترقي يافته ملڪن کي غيرقا??ون?? مالياتي وهڪري اسرندڙ ملڪن جي وسيلن کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ اهو عمل غيرقا??ون?? مائيگريشن جهڙن مسئلن جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي. وزيراعظم ان ??ال??ه تي زور ڏنو ته غيرقا??ون?? مالياتي وهڪري کي روڪڻ سان گڏوگڏ قا??ون?? مائيگريشن جي لاءِ رستا پ?? ڳوليا وڃن. ان ڏس ۾ وزيراعظم يونان پاران قا??ون?? مائيگريشن چينلز جي لاءِ قدمن کي ساراهيو جنهن سان پاڪستاني هنرمند ليبر جي لاءِ پڻ راهون کلنديون. وزيراعظم افغانستان ۾ سنگين انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته 40 ملين افغان عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي منجمند اثاثن کي بحال ڪرڻ پڻ لازمي آهي ڇو ته ان سان هڪ پائيدار افغان معيشت جي تعمير ۽ افغانين جي وڏي پئماني تي ٻين ملڪن ۾ چرپر ي روڪڻ ۾ مدد ملندي. يونان جي وزير ميتاراچي پاڪستان يونان لاڳاپن ۽ ٻطرفي گڏيل مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ميتاراچي وزيراعظم عمران خان کي يونان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي وزيراعظم کي يونان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزير ميتاراچي يونان جي معيشت ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نتيجاخيز ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قا??ون?? مائيگريشن جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جو خاڪو پڻ پيش ڪيو.