اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جي آزادي جو 75 هون سال آهي، هن سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي، جنهن ۾ سڀني اسلام?? ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپ?? ملڪن جا اهم پرڏيهي وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪندا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪند??سي?? ۽ انهن لمحن کي يادگار بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي ”لوگو“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي ۽ 14 آگسٽ تي به اهم تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ جي پريڊ خصوصي پريڊ هوندي جنهن ۾ اسلام?? ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپ?? ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ اهم نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان پنهنجي تاريخ جي سمورين شاندار ڪهاڻين کي سامهون آڻيون. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي جو 75 هون سال آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جو چارٽ جوڙيو وڃي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت جي سمورن شعبن ۽ سمورين وز??رتن ۽ کاتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن جن جي شروعات 23 مارچ کان ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ٻين چئنلز ۽ سڀئي ادارن پنهنجا زبردست پروگرام ترتيب ڏنا آهن ۽ هن سال اسان 23 مارچ کي ان انداز ۾ ملهائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي جيڪا شاندار ڪهاڻي آهي ان کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪند??سي??، ڀلي اها اسان جي شاعري جي ڪهاڻي آهي، فوج جي جرئت ۽ دليري جي ڪهاڻي آهي، چاهي اسان جي پوليس جا نمايان ڪ??رن??ما هجن ۽ اسان جي قوم جي ٻين روشن ستارن جي ڪهاڻي هجي، اسان انهن سڀني ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪند??سي?? ته جيئن اسان اهو ڏيکاري سگهون ته 75 سالن ۾ پاڪستان ڪٿي هو ۽ ڪٿي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته اهو سفر شاندار هوندو، پاڪستان جي اها تقريب مستقبل جو پيش خيمو هوندي ۽ اسان ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪند??سي??.